Add Poetry

نظم

Poet: Shaikh ayaz By: Sher khan, Jam sahib



جيلر : سڀ ڪجھ جمع ڪرائي وڃڻو آ.
ڪجھ ڀي نہ ڇُپائي وڃڻو آ!

قيدي: مان ڄاڻان ٿو قانون اھو!
انگريز بهادر جو ڌڌڪو
اڄ تائين تو ۾ آ صاحب!
اي ساڳي وردي جا صاحب!
هُو گورو ھو تون ڪارو آن ،
پر اهڙو ئي هتيارو آن!
مان اڳ بہ اندر آيو هان
مان آزادي ۾ ڄايو هان
مان تو وٽ ور ور ورڻو هان
زنجير غلامي جا جيسين
هن ديس مٿان آھن تيسين
مان تنهنجي در تي ڌرڻو هان
۽ توکان مُور نہ ڏرڻو هان!
مان توکي خوب سُڃاڻان ٿو
قانون بہ تُنهنجو ڄاڻان ٿو
مون سڀڪجھ جمع ڪرايو آ
۽ تو کان ڪجھ نہ ڇُپايو آ
ها مون وٽ هڪڙي شيءِ آهي
۽ مون سا جمع ڪئي ناھي
انگريز ڊنا ها اِن شيءِ کان
۽ تُنهنجو آقا اِن شيءِ کان
ايڏو تہ ڏڪي ٿو اي صاحب
هر وقت بڪي ٿو اي صاحب
ڄڻ پنھنجي مالي خوليا ۾
تون اِن کي جمع ڪندين ڇا ۾
جا منهنجي سيني ۾ دل آ ؟
ماحول ڪئي جا بسمِل آ
۽ جنهن ۾ منهنجي ڌرتيءَ جي
ڪا تڙڦ سدائين رهڻي آ
ها مرندي تائين رهڻي آ!

Rate it:
Views: 23
13 Mar, 2024
Related Tags on Sindhi Poetry
Load More Tags
More Sindhi Poetry
Popular Poetries
View More Poetries
Famous Poets
View More Poets